ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 211 رپين تي پهچي ويو: سون وڌيڪ 1900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار  ۾ سون  1900 رپيا لاٿ سان 140100 مان 138200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر  وڌيڪ  2 رپيا لاٿ سان 213 مان 211 رپين تي پهتو، جڏهن ته اسلام آباد سميت مختلف شهرن  ۾ ڊالر 207 رپين ۾ به وڪرو ٿيو، هوڏانهن  پائونڊ  260 ۽ يورو 220 رپين تي بيٺل رهيا