حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت 25 اپريل 2021ع تي سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي جي موقعي تي داخل غداري واري ڪيس مان جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي ۽ ارباب ڀيل کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ جي ڏوھ ۾ داخل ڪيس 21 مهينا هليو. ڪيس جي پيروي ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ۽ ظفر چانڊيو ڪئي. جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري جو چوڻ آهي ته طاقت جي زور تي مٿن ڪيس داخل ڪري کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو پر هو بندوق جي زور تي سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ سان محبت واري جذبي کان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا ڇاڪاڻ ته ڪوڙا ڪيس، جيل جون سختيون توڙي قيد کين سائين جي ايم سيد جي فڪر هٿ نه کڻائي سگهنديون. هن چيو ته هو 17 جنوري تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا.