غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، 10 ڪلاڪ ڌرڻو، انڊس هاءِ وي بلاڪ، ان ڏس ۾  غوثپور ۾ بدامني خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي جمالدين اوڳاهي، اسدالله ڀيو، الله ڏيوايو، شيرزمان بجاراڻي،ٻانهو مل، ڊاڪٽر سندر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي غوثپور _شڪارپور مين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، 10 ڪلاڪ ڌرڻي سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي اڳواڻن دانيهندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته پوليس ٻانهي مل جي ڦر ٿيل 17 لک رپيا  روڪ رقم واپس ڪرائڻ لاءِ مهلت ورتي هئي پر جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، هوڏانهن پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.