ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ وقار يونس ثانيا مرزا کي خراج پيش ڪندي ٽوئٽر تي ثانيا مرزا جي تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته ثانيا مرزا بابت جڏهن سوچيندا آهيون ته ذهن ۾ ڪهڙا لفظ ايندا آهن. هن لکيو ته جذبو، ثابت قدمي ۽ سخت محنت جا الفاظ منهنجي ذهن ۾ ايندا آهن، هن لکيو ته غير معمولي ڪيريئر تي ثانيا مرزا کي مبارڪ ڏيان ٿو. گڏوگڏ وقار يونس ثانيا مرزا جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. محمد حفيظ به ثانيا مرزا لاءِ ٽوئٽ ڪئي ۽ لکيو ته شاندار ۽ متاثر ڪندڙ ڪامياب ڪيريئر تي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، گڏوگڏ هن ٽينس اسٽار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.