ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ۾ انٽر اسڪول ٽيبل ٽينس چئمپين شپ 2023 جو اعزاز گورنمنٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي جي شاگرد پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي . ٺٽي جي نجي پبلڪ اسڪول مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پاران انٽر اسڪول ٽيبل ٽينس چئمپين شپ 2023 جي منعقد ڪرايل مقابلن ۾ ٺٽي جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ حصو ورتو. جڏهن ته ٽيبل ٽينس جي فائنل ۾ پهچندڙ ڪئمپس بوائز هاءِ اسڪول مڪلي جي شاگرد محمد حسن جٽ ۽ ڪانسيپٽ اسڪول جي شاگرد عبدالمعيد جي شاگرد وچ ۾ مقابلو ٿيو. بوائز هاءِ اسڪول مڪلي جي شاگرد محمد حسن جٽ ، ڪانسيپٽ اسڪول جي شاگرد عبدالمعيد کي شڪست ڏئي ٽيبل ٽينس چئمپين شپ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. جڏهن ته گرلس هاءِ اسڪول مڪلي ۽ مخدوم اسڪول ٺٽو جي شاگردياڻي وچ ۾ پڻ ٽيبل ٽينس راند کيڏي وئي جيڪو مقابلو مخدوم اسڪول جي شاگردياڻي کٽي ٽيبل ٽينس جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.