ٽوڪيو( انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ مشهوري لاءِ يوٽيوبر زهريلي مڇي کائي ويو اهڙي عمل تي عوام توڙي ماهرن مٿس ڇتي تنقيد ڪئي آهيويجهڙائي ۾ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ جاپان جي يوٽيوبر کي زهريلي مڇي کائيندي ڏسي سگهجي ٿو. يوٽيوبر جيڪا مڇي پچائي کاڌي ان کي هڪ تاريخي واقعي سان ڳنڍي جنگي سپاهي يا وري پرتگالي سپاهي به ڪوٺيو وڃي ٿو. جاپان جي مشهور يوٽيوبر ” هومو سيپي“ جا سبسڪرائيبر 10 لک هئا پر زهريلي مڇي پچائڻ واري بيوقوفاڻي حرڪت کانپوءِ هن جا سبسڪرائيبر 15 لکن کان وڌي ويا آهن. يوٽيوبر طرفان رکيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو زهريلي مڇي کي هڪ ٿانو ۾ وجهي پچائڻ کانپوءِ کائي ٿو. ماهر ٻڌائن ٿا ته هن زهريلي مڇي جو ڪنهن تي پير به پئجي وڃي ته ماڻهو جي جسم ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ساڙو رهندو آهي، هن مڇي کي کائڻ تي يوٽيوبر مٿان ماهرن توڙي ساڃاهه وندن ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هومو سيپي جيڪا حرڪت ڪئي آهي اها ڪنهن به صورت سٺي نه ٿي چئي سگهجي ان جا جسم تي ڪيترائي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.