ڪراچي ( شوبز نيوز) ناليواري اداڪار قيصر نظاماڻي چيو آهي ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورت منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو هو  جنهن جي ڪري هاڻي ماسي ناهيان رکندوخانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي قيصر نظاماڻي چيو ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورت رکڻ واري سوچ ئي ختم ڪري ڇڏي آهي، گهريلو ڪم فيضلا،، مان ۽ ٻيا ڀاتي پاڻ ڪندا آهيونجڏهن مان ڪمرشل ايريا ۾ رهندو هيس ته گهر ۾ هڪ عورت ڪم ڪندي هئي جنهن منهنجي ننڍي پٽ زورين کي اغوا ڪيو هو، ان وقت هن جي عمر صرف هڪ سال هئي. هن چيو ته زورين ڏاڍو پيارو هو هن جو رنگ صاف ۽ اکيون سندس ماءُ جي اکين جهڙيون هيون، هڪ ڏينهن پاڙي وارن ٻڌايو ته توهان جو ٻار ڏاڪڻ وٽ پيو آهي ڇا اوهان هن کي اتي ڇڏي آيا آهيو؟، اسان اهو ٻڌي ڏاڪڻ وٽ پهتاسي جتي زورين پيل هو. واقعي جي جاچ ڪرڻ تي پتو پيو ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمه زورين کي گڏ کڻي وڃي رهي هئي ته پاڙي جي دڪاندارن هن کي ڏسي ورتو ۽ پڇا ڪئي ته ٻاررِ کي ڪيڏانهن کڻي پئي وڃين جنهن تي هوءَ ٻاررِ کي ڏاڪڻ وٽ ڇڏي هلي وئي. قيصر نظاماماڻي سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن گهرن ۾ ملازمه رکڻ بدران گهر جو ڪم پاڻ ڪن ته اهو انهن لاءِ بهتر رهندو.