واشنگٽن (م ڊ) نوازشريف ۽ مريم نواز بابت اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو جي فارنزڪ ڪندڙ آمريڪي ڪمپني کي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آمريڪي ڪمپني گيرٽ ڊسڪوري دعويٰ ڪئي آهي ته آڊيو جي فارنزڪ ڪرڻ تان ڌمڪين واريون فون ڪالز اچي رهيون آهن، جيتوڻيڪ اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪالز ڪٿان آيون، ٽوئيٽر پيغام ۾ گيرٽ ڊسڪوري چيو ته ڌمڪين واري ڪال ۾ چيو ويو ته توهان جون زندگيون خطري ۾ آهن، ڪال ڪندڙ شخص عدالت ۾ به وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني، ڪمپني جو چوڻ هو ته اسانجي ٽيم کي فارنزڪ جو نتيجو بدلائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ غيراخلاقي آهي، واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ڪلپ کي من گهڙت قرار ڏنو آهي.