حافظ آباد (م ڊ) حافظ آباد جي مقامي عدالت ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار ناصر خلاف اهو ڪيس حافظ آباد جي ٿاڻي ۾ ٻارڙي جي ڏاڏي اپريل 2021 ۾ داخل ڪرايو هو. جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي الزام هنيو ته پيءَ چوپايو مال هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. سرڪاري وڪيل جو موقف هو ته ٻارڙيءَ ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ ڏاڏي کي دانهن ڏني، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي ثابت ٿي چڪي آهي، سيشن جج فيصلي ۾ لکيو ته ناصر ڪنهن رعايت جو حقدار ناهي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.