بهاولنگر (م ڊ) بهاولنگر ۾ نوجوان بندوق جي زور تي سئوٽ کي زيادتي جو نشانو بڻايو، بهاولنگر ۾ عورتن سان زيادتي جي واقعن تي ضابطو نه اچي سگهيو، 16 ورهين جي ناري زيادتي جو شڪار ٿي وئي، پوليس موجب بهاولنگر ٿاڻي جي تخت محل علائقي بستي صاديڪا ۾ 16 ورهين جي ياسمين کي بندوق جي زور تي سڳي سئوٽ نديم زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر ناري جي والد جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، متاثر ناري جي والد چيو ته نياڻي کي سئوٽ غلط نظر سان ڏسندو هو، جنهن ڪري کيس گهر اچڻ کان به روڪيو هو.