خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) اسلام آباد جي انتظام هيٺ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تيل ۽ گئس سيڪٽر جو ڪلين انرجي جي فراهمي ۾ ڪردار جي عنوان تي سيمينار ٿيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ايس ڊي پي آئي جو هي قدم ساراھ جوڳو آهي. هن چيو ته عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ مسئلن جي حل لاءِ تيار ٿيندڙ پاليسين ۾ لطيف يونيورسٽي ڀرپور تعاون ڪندي. ان موقعي تي ڪاربن جي ماهر ۽ سينئر مينيجر انروائي زهانگ چيو ته سي پيڪ پروجيڪٽ سبب پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن ۽ توانائي جي کوٽ جو مسئلو پڻ حل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته تيل ۽ گئس سيڪٽر مستقبل ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي معاهدي تحت بيلٽ ۽ روڊ جي مستقبل منصوبن جھڙوڪ انفراسٽرڪچر، صنعت ۽ پيداوار تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، مير سجاد حسين ٽالپر، ايس ڊي پي آئي جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وقار احمد، اينگرو ووپاڪ ٽرمينل ليميٽد جي نمره وسيم، سکر آئي بي اي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر فهيم اختر ، ڊاڪٽر نويد احمد شيخ ، مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جي ڊاڪٽر بلال شمس ميمڻ، بينظير ڀٽو ٽيڪنيڪل يونيورسٽي خيرپور جي ڊاڪٽر عبدالشڪور، انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي ٽيچنگ فيلو ماها ڪمال خطاب ڪيو. ايس ڊي پي آئي جي ريسرچ فيلو ڊاڪٽر حنا اسلم پڻ آلودگي جي گھٽتائي ۾ تيل ۽ گئس سيڪٽر جي ڪردار تي روشني وڌي.