ملير (رپورٽر) ملير ۽ ڪوهستان ۾ زمينن تي بحريا ٽائون جي قبضي خلاف 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي اعلانيل ڌرڻي جي تيارين بابت رابطا مهم تيز ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن خير محمد مگسي، صدا بليدي، شبير چانڊيو ۽ ٻين ملير جي مختلف علائقن ابراهيم حيدري، چڪرا ڳوٺ، بلال ڪالوني ۽ ڪورنگيءَ جا دورا ڪري عوام کي 6 جون بحريا ٽائون جي مين گيٽ آڏو رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت جون دعوتون ڏنيون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ان جي خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جي انچ انچ جا مالڪ سنڌي آهن، ڪنهن کي به سنڌ جي زمين ۽ ڳوٺن تي قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هنن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته اهي 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران اعلانيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ جي وجود جي بقا ۽ تحفظ جو وچن ڪن. ٻئي پاسي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ملير پاران سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اعلانيل ڌرڻي جي تيارين جي حوالي سان اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ساجد راڄپر، اشتياق ميمڻ، سالار سنڌي، سرواڻ سنڌي، نعمان سنڌي سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 6 جون تي هر غيرتمند پٽ بحريا ٽائون خلاف لڳندڙ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري سنڌ سان محبت ۽ مالڪيءَ جو اظهار ڪندو.