تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حضور بخش بجاراڻي ۾ گاڏهي ۽ باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان ڇڪتاڻ ٻيهر ڀڙڪي پئي. گاڏهي برادري جي عورتن سبحان خاتون، ماروي خاتون احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته هيرالدين گاڏهي، محمّد گاڏهي اسان جو نوجوان ماريو هو، جوابدارن گهرن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، پوليس سامهون اسان جو مال ۽ سامان هٿيارن جي زور تي کڻي ويا، ٻيهر جاني نقصان جو خطرو آهي،نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو.