ٽنڊوباگو(ن پ ا) عوامي تحريڪ پاران قدرتي وهڪرن تان قبضا ختم ڪرائڻ، ٻوڏ متاثرن سهائتا ڪرڻ لاءِ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو.  رامجي ڪولھي، مرتظي شام، ماڻڪ ٽالپر ۽ جيون ڪمار ۽ ٻين گهر ڪئي ته سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال جي قدرتي وهڪرن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي پراڻا وهڪرا بحال ڪرائي. هنن مطالبو ڪيو ته روڊن ۽ رستن تي بي سهارا ويٺل برسات متاثرن کي امدادي سامان ڏنو وڃي. هٿرادو مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي بک مرڻ کان بچايو وڃي.