ٽنڊوباگو(ن پ ا) پنج ڏينهن اڳ تلهار ۾ سولنگي برادري جي زمين تي ٿيل فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل سولنگي برادري جي عورت نازيا سولنگي، زخمي ٿيل بهاول سولنگي، شڪيل سولنگي ۽ زاهد ماڇي کي زخمي ڪندڙ مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ويو. مک جوابدار پ پ ايم پي اي تلهار جي پٽ مير عمران ٽالپر، عمران پپي خواجه ۽ راجا ممتاز خواجه کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ لاءِ سلطان سولنگي، علي نواز ماڇي، وزير علي ،شوڪت علي، ديدار ۽ محمد بخش ماڇي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. سلطان سولنگي ۽ جمن شاهه چيو ته جن کي اسين ووٽ ڏئي اڳتي آڻيون ٿا ته ان جو اولاد لالچ ۾ اچي پنهنجي تڪ جي غريب ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ مٿن گوليون وسائي کين قتل ٿو ڪري. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج بدين کان گهر ڪئي ته تلهار ۾ نازيا سولنگي کي قتل ڪندڙ مک جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.