دادو ( رپورٽر ) ڊليوري دوران اقصيٰ جي پيشاب واري نس ڪٽڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو آهي، سٽي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر ارم ميمڻ خلاف عدالتي حڪم تحت اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي ، اي سيڪشن پوليس اقصيٰ جي ماءُ گلشاد زال شاهنواز ڏنگر جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي ، جنهن ۾ مسمات گلشاد ڏنگر داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سٽي ميڊيڪل سينٽر تي ڊاڪٽر ارم ،  ڌيءُ  اقصيٰ جو غلط آپريشن ڪيو ، ڄاول ٻار به فوت ٿي ويو ۽ اقصيٰ جي پيشاب واري نس ڪٽي ڇڏي ، ڌيءُ اقصيٰ جي طبعيت خراب ٿي وئي جيڪا ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل آهي.