تلهار(ن پ ا)  ٽائون ڪاميٽي تلهار جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف حاجي جت، زاهد جت، فريد ڀٽي، شفيع خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر غلام اڪبر ڀنڀرو  خلاف نعري بازي ڪندي مٿس پگھارن جا پئسا ڪڍرائي ڦٻائڻ جو الزام هنيو. هنن چيو ته ايڊمنسٽريٽر غلام اڪبر ڀنڀرو، ٽائون آفيسر اياز پهنور اسان جي پگهار جا پئسا ڪڍرائي فرار ٿي ويا آھن  اسان کي ٻن مهينن کان پگهار نه ملڻ سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون موجوده ايڊمنسٽريٽر چوي ٿو توهانجون پگهارون اڪائونٽ مان نڪري چڪيون آھن، موجوده ايڊ منسٽريٽر مير منظور ٽالپر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر غلام اڪبر،ٽائون آفيسر اياز پنهور،اسد خواجا ۽ گوپال خلاف شوڪاز نوٽيس ڪڍي واسطيدار ادارن کي ان جون ڪاپيون موڪلي ڇڏيون آھن هاڻي جيڪو بالا آفيسر فيصلو ڪندا ان مطابق قدم کنيو ويندو،ٻي طرف اها حقيقت آھي ت هتان ڪافي آفيسر يڪ مشت اڪائونٽ خالي ڪري هليا ٿا وڃن ان بعد نئون ايندڙ آفيسر هيلن بهانن سان نئين قسط تائين انهن کي آسرا ڏيئي مطمئين ڪري ڪم هلايو ڇڏين ،جنهن سبب تلهار ٽائون جيڪو هر مهيني هڪ فائر جي گاڏي،ٻن ڊيزل مشينن تي هر مهيني 12کان 15لکن جو تيل ۽ ھر مهيني 25لکن جون ڪوٽيشنون ڪڍي پراڻن آفيسرن جي ڪيل گهوٻين کي تحفظ فراهم ٿا ڪن.جڏھن ت رقم ڪڍرائي فرار ٿيندڙ غلام اڪبر 4اسڪيل جو جونيئر ڪلرڪ هوندي تلهار تعلقي جي ڇهن يونين جا سمورا فنڊ ڪڍرائي چڪو آھي پر موصوف هر واري چونڊيل نمائيندن کان پوسٽنگ لاء ڊي او ليٽر وٺڻ م ڪامياب ٿيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پريس ڪلب تلهار اڳيان ڪم ڇڏ بک هڙتال شروع ڪنداسين جنهن جي زميوار انتظاميا هوندي.