نوشهروفيروز (رپورٽر) ساھتي پرڳڻي جي فنڪارن سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اداڪارن ۽ فنڪارن ظھور ٻٻر، شبير عمراڻي، علي نواز سولنگي ۽ ٻين چيو ته اداڪار ۽ فنڪار برسات سبب سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اڃا تائين بيروزگار آھن، سندن ڪير به امداد ڪرڻ وارو ناھي، هنن چيو ته ثقافت کاتو فنڪارن کي نظر انداز ڪري رھيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور فنڪارن جي سھائتا ڪئي وڃي.