سکر(بيورو رپورٽ) تعليم کاتي ۾ ڀرتين وارو معاملو، جعلي ڊوميسائيل، غير لاڳاپيل ضلعن جي شناختي ڪارڊ توڙي ٻين اعتراضن بعد تعليم کاتي جي ٽيم ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر ضمير  احمد کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ سکر پھتي، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ۽ تصديق ڪندڙ ٽيم ۾ ڊپٽي ڊي جي ڪشور ڪمار، ڊائريڪٽر سيڪندري اسڪولز ايجوڪيشن سکر ڊويزن عبدالوحيد انڍڙ، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن محمد حاجي ٻرڙو شامل ھئا. جڏھن ته سکر، خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور سميت مختلف ضلعن جي انھن اميدوارن کي به گھرايو ويو هو جن جي ڪاغذن تي مختلف قسمن جا اعتراض لڳايا ويا آھن. عورت اميدوارن سان گڏ سندس والدين توڙي ڀائر به پھتا. اِن موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر ضمير احمد کوسي ٻڌايو ته اميدوارن ٽيسٽ ته پاس ڪئي پر ڪجھه اميدوارن جا شناختي ڪارڊ ٽيسٽ واري تاريخ کان بعد ۾ ٺھيا آھن. ڪجھه اميدوارن جا شناختي ڪارڊ توڙي ڊوميسائيل ٻين صوبن جا آھن، اِن سلسلي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جنھن جو سربراھ سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري  آھي. ڪراچي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سکر پھتا آھيون، جنھن بعد سنڌ جي رھيل ڊويزنن جو به دورو ڪري سمورا تفصيل گڏ ڪري ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ، تصديق ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ويندي. تعليم کاتي سکر جي عملدارن ٻڌايو ته جن اميدوارن جي ڪاغذن تي اعتراض سامھون آيا آھن، في الحال اُنھن جا آرڊر روڪيا ويا آھن. مختلف ضلعن کان پھتل اميدوارن جو چوڻ ھو ته وڏي انگ ۾ اميدوارن جي آمد جي چڱي ريت ڄاڻ ھجڻ باوجود انتظام اڻپورا آھن، صبح جو نائين وڳي گھرايو ويو پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو. ڪلاڪن کان آفيس ٻاھران بيھي سخت گرمي ۾ وقت گذاريو آھي.