ڪولمبو(م ڊ) سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري فوج هارپي واري مهم ۾  حصو وٺي رهي آهي جنهن تحت 1500 ايڪڙ غيرآباد زمين کي خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پوکي جي قابل بڻايو ويندو. سريلنڪن فوج گرين ايگريڪلچر اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي پروگرام تي عمل ڪندي. هارپي واري رٿا هنگامي بنيادن تي جولاءِ کان شروع ٿيندي. سريلنڪن فوج جو چيف آف اسٽاف ميجر جنرل جگت منصوبي جي نگراني ڪندو، پهرئين مرحلي ۾ سريلنڪن فوجي غيرآباد زمين جي صفائي ڪندا، پوءِ هر ڏيڻ بعد زرعي ماهرن جي تجويز ڪيل مختلف فصلن جا ٻج ڇٽيندا.