حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير ڄام خان  شورو ارسا پاران سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن کي کولڻ بعد تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچڻ واري عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي اعتراضن باوجود ارسا بلوچستان جي مدد سان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالن کي کولي تربيلا ڊيم کي ڊيڊ ليول تي پھچائي ڇڏيو آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ پاران ارسا کي اڳواٽ ئي تڪراري ڪينالن ۾ پاڻي جي ڇوڙ سبب تربيلا ڊيم جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچڻ بابت خدشن کان آگاهي ڏني وئي هئي پر ارسا جي غيرقانوني فيصلن سبب ٻيهر صوبي تي تمام گهڻا ھاڃيڪاري اثر پوندا. ڄام خان شورو چيو ته ان عمل سان ملڪ جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ زراعت جو شعبو پڻ تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ارسا کي پاڻي معاھدي 1991ع تحت صوبن جي مقرر ڪيل حصي مطابق پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائڻ گھرجي.