ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ٻهراڙي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. راهوڪي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن لطف شاهه، اعجاز علي،  قاسم ڏيٿو، يامين علي، محمد موسيٰ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راهوڪي شاخ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ۽ ايس اي روهڙي سرڪل جي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا .حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي وئي. نواز شاھ ڀاڏائي، محراب کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود پنجاپ چشما ۽ تونسا لنڪ ڪئنال ذريعي روزانو ڏيڍ فوٽ پاڻي مبينا طور چوري ڪري رھيو آھي پر پ پ سرڪار وزارتن عيوض خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي. ڪوٽڙي سائيٽ جي 20 کان مٿي ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي پاران ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اسد ڪلھوڙو عاشق ٻگھيو، خالد ڀٽي، شمشاد ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ جي 20 کان مٿي ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار آھي سائيٽ جو پورھيت طبقو عوام پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھي.ٽنڊي باگي جي وارڊ نمبر 2 مير محلا ۽ وارڊ نمبر 8 ۾ واٽر سپلائي جو پاڻي نه اچڻ خلاف غلام محمد خواجه، دلبر سنڌي، خدا ڏنو شاهه، فيصل چيما جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي آفيس اڳيان پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف ڌرڻو هنيو ويو. صالح پٽ لڳ سنگرار مائينر جي آبادگارن سائين ڏنو مهر، ڀٽائي ڏنو ڦلپوٽو، فيض محمد جتوئي، قلندر بخش ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ واهه جي غيرقانوني کوٽائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ملڪاڻي شريف ۾ آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوهه جا آبادگار پاڻي جي کوٽ چانگ ريگيوليٽر جي هٿرادو وارابندي ۽ پاڻي بند ڪرڻ خلاف ٻيهر روڊن تي نڪري آيا جن پنگريو جهڏو روڊ تي تڏا وڇائي ڌرڻو هنيو. گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نوان جتوئي ۾ عوامي تحريڪ  ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.