ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ چوري ختم ڪري گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي آبي وسيلن واري وفاقي وزارت، ارسا چيئرمين ۽ سنڌ آبپاشي کاتي جي  سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري کي پاڻي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ سميت  پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ڪالهه  وڪيل خالد نور کوسو پاران داخل ڪيل  درخواست جي ٻڌڻي دوران پٽيشنر پاڻي جي کوٽ بابت تفصيلي انگ اکر ۽ سنڌ پاران وفاق ۽ ارسا کي لکيل خط پڻ پيش ڪيا، جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. وڪيل خالد نور  کوسو  پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته  سنڌ کي حصي جو پاڻي  نه پيو ڏنو وڃي، هتي  شهرين کي پيئڻ ۽ فصلن لاءِ به پاڻي ناهي، جانور اڃ مري رهيا آهن، هن ڄاڻايو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي کان ارسا مڪمل طور واقف آهي، ارسا کي سنڌ جي ٽنهي  بئراجن ڪوٽڙي، سکر ۽ گڊو بئراجن کي 91ع ٺاهه هيٺ طئه ٿيل حصي هيٺ پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ استدعا ڪئي و ئي آهي ته پاڻي جي چوري ۽ اختيارن جي غلط استعمال  جي جاچ لاءِ شفاف انڪوائري يا جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي،