بڪيراشريف (ن پ ا)  بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ بچايو لاشاري ۾ زمين جي 3 ايڪرن تان هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو  آهي. بڪيراشريف پوليس زرعي زمين تي چڙهائي ڪري مردن ۽ عورتن تي وحشاڻو تشدد ڪيو عورتن تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، مسمات ڌاڻو لاشاري ،مسمات حاڪم زادي،مسمات حسنا لاشاري ۽ ٻين عورتن جو چوڻ آهي ته منهنجي حصي جي زمين تي منهنجا ڀاء لکانو لاشاري، محمد حسن، خيرو لاشاري ۽ ڀائٽيا جاويد لاشاري، بابو لاشاري قبضو ڪرڻ ٿا چاهين ٿا، ۽ بڪيراشريف ٿاڻي جو ايس ايڇ او سردار چانڊيو منهنجي ڀائرن ۽ بااثر ڌرين جي چوڻ تي اسان مٿان چڙهائي ڪري گهر ڊاهي ڇڏيا ۽ اسان مٿان وحشاڻو تشدد ڪري سخت زخمي ڪيو آهي جڏهن ته بڪيراشريف پوليس اسان جي مردن مريد لاشاري وزير لاشاري ۽ مسمات حُسنا سلما لاشاري جي تذليل ڪري بڪيراشريف ٿاڻي تي کڻي وئي آهي جڏهن ته اسان جي عورتن مٿان وحشاڻو تشدد ڪيو ويو جنهن ۾ مسمات ڌاڻو لاشاري،مسمات سهتي لاشاري، ۽ مسمات حاڪم زادي کي ٽنڊوالهيار ۽ پوء حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ بڪيراشريف پوليس جي عملدارن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.