بيواجبين جو داستان ۽ پنهنجن جي وقت تي خاموشي

0
168

1980ع ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي پليٽ فارم تان  حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل پهريون جلسو زهريلين تقريرن سبب سنڌ جي پر امن ماحول لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيو. حيدرآباد جو اهو جلسو لڏي آيل پناهگيرن پاران ڄڻ ته سنڌين خلاف هڪ قسم جو اعلان جنگ هو جنهن جي پٺيان طاقتور ڌرين جو هٿ ۽ سازش هئي جنهن جي پورائي لاءِ پناهگيرن جي نئين نمائيندي طور الطاف حسين کي چونڊيو ويو هو، جنهن سنڌ جي خلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن ڌرتيءَ هنن کي پناهه ڏني، جنهن ڌرتيءَ هنن کي گهر گهاٽ ڏنا، هنن کي رستن تان کڻي پنهنجن سيني سان لڳايو ۽ صرف مذهب جي نالي تي هندستان مان ڀاڄ کائي آيلن کي پنهنجي زبان ڌرتي ۽ ڪلچر جو مالڪ ٺاهيو، تن اسان سنڌين سان اکيون اکين ۾ وجهي وڙهڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ اها اسان جي بزرگن جي اهم غلطي چئبي پر پاڪستان ٺهڻ وقت جيڪي اسانجي اٻوجهه وڏڙن جا سياسي اڳواڻ هئا تن جي کاتي ۾ هي سمورو قصور وڃي ٿو جيڪي جيڪر ان وقت چاهين ها ته شايد ڌارين جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪي سگهجي پيو، پر انهن ان ڏس ۾ پنهنجو ڪوبه ڪردار ته ادا نه ڪيو البته انهن کي ڀليڪارون ضرور چوندا رهيا، پر جن انگريزن يا انگريزن کان پوءِ انهن جي باقيات جي هر قسم جي سازش کان انڪار ڪيو ۽ ان خلاف اٿي کڙا ٿيا تن کي مارايو ويو يا ٻين مختلف طريقن سان رستي تان هٽايو ويو، اهڙن باغين ۽ انگريزن جي انڪارين ۾ شهيد الله بخش سومرو، شهيد سورهيه بادشاه ۽ ٻيا شامل هئا. سورهيه بادشاه پير سائين پاڳاري کي 20 مارچ  1943ع تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جڏهن ته ساڳئي سال ۾ شهيد الهه بخش سومري کي 14 مئي 1943ع تي ٽن هٿياربندن هٿان ان وقت شهيد ڪرايو ويو جڏهن هو سندس اباڻي شهر شڪار پور ۾ ٽانگي تي چڙهي گهر وڃي رهيو هيو. هنن جو قصور صرف اهو هو جو پير پاڳاري “وطن يا ڪفن” جو نعرو هنيو ۽ الله بخش سومري انگريزن خلاف سنڌ جي اٻوجهه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي، جنهن اهو به چيو ته، “ملڪ مذهب جي نالي تي وجود ۾ ڪونه ايندا آهن.” ان ڪري ان کي به ان ڏوهه ۾ مارايو ويو. باقي سنڌ ۾ ان وقت پوئتي جيڪي ذهين ۽ سمجهدار سياستدان  هئا انهن ۾ ايوب کهڙو، پير الاهي بخش ۽ سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا سر فهرست هئا. ملڪ وجود ۾ آيو ته لياقت علي خان جي قيادت ۾ هن ملڪ ۾ حڪومت قائم ڪئي وئي، لياقت علي خان انهن سمورن پناهگيرن جو اڳواڻ ۽ تعصب رکندڙ نسل پرست سياستدان ثابت ٿيو جنهن  هندستان مان ايندڙ سڀني پناهگيرن کي پنهنجي متحرڪ ماڻهن ذريعي سمجهايو ۽ وڏي مهم هلائي ته پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ دوران پناهگيرن کي اهو سمجهايو وڃي ته پنجاب ۾ ڪير به پنهنجا پير نه کوڙي ۽ نه ئي سنڌ جي پنجاب سان ملندڙ سرحد سان گڏ علائقن ۾ خيما کوڙيا وڃن، سڀني جي زبان تي پاڪستان جي معنيٰ “ڪراچي” هئڻ گهرجي!

 1947ع ۾ هندستان مان پاڪستان لڏي ايندڙن کي جڏهن پنجاب ۾ اهو چئي اڳتي موڪليو پئي ويو ته، “پاڪستان اڀي آگي هي” تڏهن جيڪر ان وقت جا سنڌي سياستدان ۽ اڳواڻ رڳو هندستان مان آيل پناهگيرن جي ان قانون جي خلاف آواز اٿارين ها ته لياقت علي خان جي جوڙيل قانون “ايڪيوٽرسٽ پراپرٽي ايڪٽ” کي نٿا مڃون ۽ سنڌي هندن جي ڇڏيل ملڪيت جا اسين وارث آهيون ۽ اها هندستان مان ايندڙ پناهگيرن کي قطعي طور ڏيڻ قبول نه ڪنداسين ته به شايد ان وقت اهي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن جا مالڪ نه ٿي سگهن ها ۽ نه ئي ملڪيتن جي لالچ ۾ لکين پناهگيرن کي سنڌ ۾ گهرايو وڃي ها، هي اهو وقت هو جڏهن سنڌي سياستدانن جو ته ملڪي سياست تي وڏو اثر هو پر پناهگير اڃان سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجا پختا پير ڪونه کوڙي سگهيا هئا ان ڪري اهو قانون آساني سان منسوخ ٿي وڃي ها ۽ هتان جا اصلوڪا ماڻهو سنڌي هندن جي ملڪيت جا پاڻ وارث هجن ها جيئن هندستان ۾ اتان جا رهواسي  انڌي منڊي ملڪيتن جا پاڻ مالڪ ٿيا.

ان وقت سنڌ جي وڏي وزير ايوب کهڙي اڪيلي سر اهڙي عمل جي مخالفت ڪئي ته سنڌي هندن جون ملڪيتون پناهگيرن کي نه ملن کپن. هن اڃان ايترو اختلاف فقط اجلاسن اندر رکڻ شروع ڪيو ته کيس سنڌ جي وڏ وزارت تان هٽائي پيرالاهي بخش کي سنڌ حڪومت جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ پناهگيرن جي فائدي ۾ جوڙيل سمورن قانونن ۽ عملن ۾ سندن مددگار ٿيو.

اهو تاريخ جو الميو آهي يا  رڪارڊ جو مونجهارو آهي جو اڄ ايوب کهڙي کي ته سنڌ جو غدار ڪوٺيو وڃي ٿو پر جن سياستدانن ان وقت پناهگيرن جي معاملي ۾ سنڌ جي حصن جي ٿيندڙ تاريخي پائمالي تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون اهي اڄ اسان جا هيرا آهن!

توڙي جو ايوب کهڙي مٿان ون يونٽ ٺاهڻ ۾ ان وقت جي فوجي حڪمران جي حمايت جو ٺپو لڳل آهي پر تاريخ جي دز ۾ ڪيتريون ڇرڪائيندڙ حقيقتون اڃان دٻيل آهن جن کي کوٽي پڌرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ايوب کهڙي جيڪر ون يونٽ ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ جي سياسي غلطي ڪئي به آهي ته به تاريخ ۾ ان کان به وڏيون غلطيون ڪرڻ ۽ انهن عظيم غلطيون ڪرڻ جو اعتراف ڪرڻ وارن ٻين اڳواڻن لاءِ وري اسان جي راءِ ڇالاء مختلف آهي؟

تاريخ جي دفترن ۾ دٻيل ڪيئي سوالن منجهان هڪ سوال اهو به آهي ته سائين جي ايم سيد جهڙو اڪابر ۽ قومي سوچ رکندڙ سياستدان جيڪو ڪجهه ٽڪيٽن جي ورهاست تي پنھنجي موقف تي مضبوط رهي قائداعظم سان اختلاف رکي مسلم ليگ کي الوداع ڪري سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ جي هندن جي ڇڏيل ملڪيت تي قبضي خلاف سندس ڪابه تحريڪ ڇالاءِ نظر نٿي اچي ؟ سائين جي ايم سيد جي اويڪيو ٽرسٽ ايڪٽ تي خاموشي انتهائي معنيٰ خيز آهي جنهن تي سندس چاهيندڙن کي چڙڻ بدران بحث ڪرڻ گهرجي.

سائين جي ايم سيد جي ان پر اسرار خاموشي جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ هندستان مان آيل پناهگير مال ملڪيتون پنهنجي قبضي ۾ ڪري هتان جي اصل رهواسي ڌرتي ڌڻين جا انڪاري ۽ ڌرتي تي قبضي جي هر طرح جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.

(هي مضمون “سنڌ سان بيواجبين جو داستان” جي سلسلي جي ڪڙي   ۽ سلسلو اڃان هلندڙ آهي. )