ڪاڇي واسين لاءِ هر وقت خطرو بڻيل گاج بند

0
147
ڪاڇي ۾ گيسٽرو ۽ انتظامي لاپرواهي

ڪيترن ئي سالن کان گاج جو وهنوار ڪاڇي واسين سان ساڳيو آهي ۽ هر مند ۾ هيڻي توڙي ڏاڍي کي اک ڏيکاري دربدر ڪيون هلي ويندي آهي ۽ اسين به هر سال وانگي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي جستجو ۾ هوندا آهيون پر گاج جي طوفاني وهڪرن آڏو اسان جون رٿون ڪيڏيون به مضبوط هجن پر ان جي سامهون سينو تاڻي بيهڻ مشڪل ڇا پر ناممڪن آهي، ڇو ته گاج جو پاڻي جنهن اوچائي تان ڪري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو اسان ان جي اوچائي ۽ رفتار جي مطابق پنهنجون رٿون نه جوڙينداسين، ايستائين ڪاڇي واسي انهي مشڪلاتن مان آجپو حاصل ڪري نه سگهندا. اسان جي سرڪار ۽ ان جا ڪامورا وڏا دماغ رکندڙ به الائي ڇو گاج بند جي معاملي ۾ سنجيده نه آهن يا ڄاڻي واڻي ايئن ٿا ڪن ۽ گاج جي بند کي سوني جهرڪي سمجهي هر ڪو هر سال پنهنجي کل سائي ڪري ٿو ۽ ڪاڇي واسين جو نقصان ٿئي يا فائدو انهي سان انهن جو ڪنهن به قسم جو واسطو ناهي.

                 گذريل 14 مهينن ۾ گاج  ۾4 زبردست ٻوڏون آيون آهن ۽ انهن چئني ٻوڏن ڪاڇي واسين کي  لوڏي ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪاڇي جا بهترين روڊ، گهر، ٽيوب ويل سولر پليٽون ۽ ٽيوب ويلن تي بيٺل فصل هڪ جهٽڪي  ۾ تباهه برباد ٿي ويا.

هن مهل ڪاڇي واسين کي سطني کان وڏي تڪليف انهن روڊن مان آهي جيڪي گاج جي مسلسل وهڪري سبب پنهنجو نالو نشان ختم ڪري چڪا آهن،رڳو اتي کڏا ٺهي ويا آهن، ڪلوميٽرن جا ڪلو ميٽر روڊ جو ڪوئي وجود ئي نه آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ته تي ڄڻ ڪڏهن روڊن جو وجدو ئي نه هو،جيڪي آثار بچيا آهن پٿرن جي صورت ۾  انهن جي حالت به بلڪل رحم جوڳي آهي. ڇو ته انهن ۾ وڏا کڏا يا جمپ پئجي ويا آهن،  پاسن کان ڏنل مٽي پاڻي لوڙهي وئي.  باقي صرف هڪ ليڪو بچيو آهي جتان هر قسم جون گاڏيون اچ وڃ ڪن ٿيون. سچ ته اهو آهي ته هر ماڻهو مجبوري ۽ لاچار کان ٻاهر نڪري ٿو روڊ جي حالت ڏسي دل ئي نه ٿي چوي ته ڪو ان تي سفر ڪجي. ٻيو ڀلا آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ ڇو جو وري پري تائين اهو ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڪو روڊ ٺهندا ۽  ماڻهو ويچارا آساني  ۽ اطمينان سان سفر ڪندا.

اسان جا عوامي اڳواڻ به اهڙا سلجهيل آهن اهي اسان کي روڊ يا رستو اهڙو بحال ٿا ڪري ڏين جنهن کي ڏسي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن،اهي رڳو مٽي جون ڪجهه ٽراليون لهرائي مٿان گريول وجهرائي ڄڻ ته پنهنجي ذميواري پوري ڪري ويندا ۽ ڏٽو ڏئي ويندا ته  بس ٻن ٽن مهينن ۾ ٽينڊر ٿي ويندو، توهان جو روڊ حيدرآباد ڪراچي جي روڊن جهڙو ٿي ويندو، بس اسين انهي آسري ۾ خوش ٿي سالن کان ساڳي تڪليف کي منهن ڏئي پنهنجي زندگي جو گاڏو گهليندا رهون ٿا نه چونڊيل نمائندن جا واعدا ٿا وفا ٿين نه ڪاڇي واسين جي سورن ۾ گهٽتائي ٿي اچي.

هن مهل دنيا ايڏي وڏي ترقي ڪئي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهي،گاج جي ذريعي هر سال ٿيندڙ تباهي کي روڪي سگهي ٿو پر شرط اهو اهي ته حڪمران پنهنجي عوام ۽ ڪاڇي واسين سان سچا ٿين جيڪي کين هر چونڊ ۾ ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائيندا آهن.وري اسان انهن کان پڇاڻو به نه ٿا ڪيون ڇاڪاڻ ته اسان  ستايل آهيون، بس اسان اجتمائي فائدي جي بدران انفرادي فائدي جا عادي ٿي ويا آهيون بس منهنجو عرض پورو ٿئي ڀلي ڪنهن ٻئي جو نقصان ٿئي ته ڀلي ٿئي بس اسان جو فائدوٿيو ته مجموعي سور وساري ويهي رهنداسين انهي ڪري حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا به ڪجهه بااثر ماڻهن کي خوش رکي باقي عوام جي پرواهه ئي نه ٿا ڪن.

جتي ذاتي ۽ انفرادي فائديواريون   ناقص سوچون هونديون  ته اتي اهڙي قسم جون بيواجبيون به روز روز ٿينديون.

اصل ڳالھه اها آهي ته جيستائين سرڪار گاج جي بند جو ڪم ٽيڪنيڪل بنيادن تي نه ڪرائيندي ايستائين هر سال اهڙي قسم جي تباهي پئي ٿيندي.

هاڻي گاج  بند بابت پاليسي 1933ع واري پاليسي يا حڪمت عملي طرف ٿا هلون،  ان وقت ۽ ان جي حالتن مطابق ها پاليسي  ۽ حڪمت عملي بهترين هئي ڇو ته ان وقت بند تي ماڻهن جي هٿان مرمتي ڪم ٿيندو هو ۽ اهو ئي واحد ذريعو هو، جنهن ۾  ڪنهن هنڌ تائين  ان وقت جي انتظاميا ڪامياب به ٿي پر هي دور ان وقت کان گهڻو تيز ۽ مشينري وارو جديد دور آهي، جتي جديد ٽيڪنالاجي سان ڪم ڪيو  وڃي جيئن نه نقصان بند جو ئي ٿئي نه وري روڊ رستي جو، نه وري ڪنهن ٽيوب ويل جو.

جڏهن اهڙي قسم جو بنياد پئجي ويندو ته ڪاڇو ۽ ڪاڇي واسي به سک جو ساهه کڻي سگهندا ۽ جيڪا نالي ماتر ترقي ٿئي ٿي اها به گهڻو وقت تائين پئي هلندي جنهن  سان صوبي  ۽ ملڪ  کي به فائدو ٿيندو.