اسلام آباد: جسٽس منصور علي شاهه نوٽ لکيو آهي ته ٻن سينيئر ججز کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، عدليه تي عوام جي اعتماد لاءِ ضروري آهي ته ان جي شفافيت برقرار رهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آڊيو ليڪ بعد عام عوام ۾ تڪرار پيدا ٿيو، آڊيو بابت عدالت اندر ۽ ٻاهر آواز اٿاريو ويو پر نه سپريم ڪورٽ ڪو جواب ڏنو نه ئي سپريم جڊيشل ڪائونسل الزامن جا جواب ڏنا. بار ڪائونسلز جج خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪيو پر اهڙو جج جنهن تي الزام آهي ان کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ مناسب نه آهي. هن لکيو ته مون وٽ بينچ کان ڌار ٿيڻ جو ڪو قانوني جواز نه آهي.