اسلام آباد: جسٽس يحييٰ آفريدي پنهنجي نوٽ ۾ پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض واريندي چيو ته عام چونڊن جو معاملو پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. غير لاڳاپيل معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ عدالت جو اختيار آهي پران جو اِهو مطلب ناهي ته هڪ معاملو جيڪو اڳواٽ عدالت ۾ آهي ان تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. ائين ڪرڻ سان هاءِ ڪورٽن جي ڪارروائي متاثر ٿيندي. آئون ٽئي درخواستون ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪريان ٿو ۽ بينچ ۾ پنهنجي شموليت جو معاملو چيف جسٽس تي ڇڏيان ٿو.