اسلام آباد: جسٽس جمال خان مندوخيل آڊيو ليڪس جو معامل اٿاريو ۽ چيو ته غلام محمد ڊوگر ڪيس بابت آڊيو سنجيده معاملو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي اليڪشن بابت پهرين ئي پنهنجو ذهن واضح ڪري چڪا آهن، ٻنهي ججن راءِ ڏني آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، ٻنهي ججن راءِ ڏيندي آرٽيڪل 10 اي تي غور نه ڪيو. انهن حالتن ۾ چيف جسٽش جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي.