اسلام آباد: جسٽس اطهر من الله پنهنجي نوٽ ۾ اهم سوال اُٿاريندي چيو آهي ته مون چيف جسٽس جو آرڊر پڙهي ورتو آهي، مون جڏهن عدالت ۾ آئيني نقطا اٿاريا ته چيف جسٽس انهن کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، منهنجي سوال تي بئنچ جي ڪنهن به ميمبر اعتراض نه واريو، کُليل عدالت ۾ منهنجا سوال شامل ڪري حڪم نامو لکرايو ويو. چيف جسٽس جو اوپن ڪورٽ ۾ ڏنل آرڊر لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي سان هڪجهڙائي نٿو رکي. هن چيو ته جتي آئين جي تشريح عدالت جو اختيار آهي اتي آئين جو تحفظ به عدالت جو ڪم آهي. جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هوته چيف جسٽس مون کان ان معاملي تي سوال گُهريا هئا جيڪي هن ريت آهن ته ڇا صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي صلاح ڏيڻ وڏي وزير جو حتمي اختيار آهي؟ جنهن جا آئيني سبب ڏسڻ ضروري ناهي؟ ڇا وڏو وزير پنهنجي آزاداڻي راءِ تي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو يا ڪنهن جي راءِ تي؟ ڇا ڪنهن بنياد تي وڏي وزير جي ايڊوائس کي آئيني طور رد ڪري سگهجي ٿو ۽ اسيمبلي بحال ڪري سگهجي ٿي؟. چيف جسٽس اطهر من الله سوال اُٿاريو ته ڇا صوبائي اسيمبليون جمهوريت جي آئيني اصولن کي لتاڙي ٽوڙيون ويون؟ اسيمبليون ٽوڙڻ جي قانوني حيثيت تي سوال بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جي حوالي سان آهن. اسان جي سامهون اچڻ وارو معاملو پهريان ئي صوبائي آئيني عدالت جي آڏو موجود آهي، ان معاملي جو سُپريم ڪورٽ اچڻ في الحال وقت کان اڳ آهي،  ڪنهن ٻئي معاملي کي ڏسڻ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت ڏسڻ اڻٽر آهي، صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.