بهاولنگر ۾ سڳي سئوٽ پاران هٿيار جي زور تي ناري سان مبينا زيادتي

0
436
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) بهاولنگر ۾ عورتن سان جنسي زيادتي جا واقعا گهٽ نه ٿي سگهيا، اتي هڪ وڌيڪ 16 ورهين جي ناري سان زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي

پوليس موجب بهاولنگر جي علائقي تخت محل جي علائقي بستي صادقه ۾ 16 ورهين جي ناري سان مبينا طور تي زيادتي جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ياسمين کي هٿيار جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻائيندي ٻيو ڪر نه پر سندس چاچي جو پُٽ سڳو سئوٽ هو

پوليس متاثر ناجري جي پيءُ محمد افضل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو، متاثر ڇوڪريءَ جي والد موجب جوابدار نديم ياسمين تي بُري نظر رکندو هو،ان ڪري کيس گهر اچڻ کان منع ڪيو هو

هن جو چوڻ هو ته جوابدار نديم منهنجو حقيقي ڀائٽيو ۽ پاڙيسري آهي جيڪو واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شورع ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا الزام لڳائيندڙ ليڊي سب انسپيڪٽر نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺي