اپوزيشن آڊيو، وڊيو ۽ ميڊيا جي راند کيڏي رهي آهي: شيخ رشيد

0
342
اپوزيشن جي ڌرڻي يا

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيد رشيد چيو آھي تھ اپوزيشن آڊيو، وڊيو ۽ ميڊيا جي راند کيڏي رهي آهي، کين خبر ناهي ته هاڻي ٽرين نڪري وئي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت خلاف تحريڪ ناڪام ٿي وئي ۽ هاڻي تحريڪ هلائڻ جو موقعو به نڪري ويو

 ايڪسپريس ٽري ڪڏهن به مسافرن جو انتظار نه ڪندي آهي، اسان جا ڀاڳ آهن جو اهڙي نالائق اپوزيشن ملي آهي، اليڪشن ۾ باقي پوڻا 2 سال بچيا آهن، ايندڙ ووٽر لسٽ ۾ ووٽرز جي تصوير به لڳائي ويندي، وزيراعظم اي وي ايم جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، اها ڪميٽي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪم ڪندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنج سال پورا ڪندي ۽ ايندڙ چونڊن تائين حالتون بهتر ڪنداسين