اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا الزام لڳائيندڙ ليڊي سب انسپيڪٽر نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺي

0
308
اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا الزام

ڪراچي(م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا الزام لڳائيندڙ ليڊي سب انسپيڪٽر کي ئي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي، ليڊي سب انسپيڪٽر جي الزام جي جاچ ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ئي اعليٰ اختيارين ڪارروائي ڪندي عورت پوليس اهلڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو

نوٽيفڪيشن موجب عورت پوليس آفيسر کي ريپ جو شڪار ٿيلن جون وڊيوز، پوليس رڪارڊ ۽ حساس معلومات شيئر ڪرڻ تي برطرف ڪيو ويو آهي، عورت اهلڪار جوابدار ڪاشف سان رابطي ۾ هئي

پوليس موجب ليڊي سب انسپيڪٽر جوابدار ڪاشف خلاف 4 سيپٽمبر تي اغوا، زيادتي ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن بعد ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

سجاول ويجهو ناريءَ سان مبينا اجتماعي زيادتي، ڪيس داخل نه ٿيو