مٽياري ۾ گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن نينگرن جي وارثن طرفان کڏ بند ڪرائڻ لاءِ عدالت وڃڻ جواعلان

0
272

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ۾ گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن نينگرن جي وارثن طرفان کڏ بند ڪرائڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان، گجراتي پاڙي ۾ 2 ڏينهن اڳ نينگر راج وِير ۽ ذاڪر پاڻيءَ جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيا هئا

 شادي جي موقعي تي پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، نينگرن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پهرين به 3 ڄڻا پاڻيءَ جي ساڳي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيا هئا، کڏ جي چوڌاري ڀِت تعمير ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن، ٻن معصوم نينگرن جي ٻڌي فوت ٿيڻ باوجود انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن مان ڪير به وارثن ڏانهن لڙي نه ويو