سجاول ويجهو ناريءَ سان مبينا اجتماعي زيادتي، ڪيس داخل نه ٿيو

0
466

سجاول: ڳوٺ حاجي اڱاريو سهتو ۾ 4 جوابدارن مبينا طور گهر ۾ گهڙي ناريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. ناريءَ جي وارثن دانهيندي چيو آهي ته گهر ڀاتي ٻنيءَ تي ويل هئا ته 4 جوابدار گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ناريءَ سان اجتماعي زيادتي بعد فرار ٿي ويا

متاثرين جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بااثر جوابدار خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ،متاثر ناري ۽ سندس وارثن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ناري جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل جوابدارن ۾ پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي، اجتماعي لڄالٽ وارن الزامن جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ ناريءَ جي فرياد تي ڪيس به داخل ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

لاهور ۾ ٻن نارين سان مبينا زيادتي، فيڪٽري مالڪ گرفتار