قمبر(رپورٽر) قمبر جي زيرو پوائنٽ وٽان بلوچستان کان آيل برساتي ٻوڏ جي پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ اچي نه سگهي. پاڻي حمل ڍنڍ ۽ آر بي او ڊي ذريعي ايم اين وي ڊرين ڏانهن وڃڻ  جو سلسلو جاري آھي.آر بي او ڊي جا ڪپر ڪمزور هئڻ سبب ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين جي لڏ پلاڻ وارو سلسلو به جاري آھي، ماڻھو ٽريڪٽر ٽرالين تي سامان کڻي قمبر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ڏانهن مٽن مائٽن ڏي وڃي رهيا آھن. جڏھن ته ڪيترائي ڳوٺاڻا ايف پي بچاءَ بند جي ڪپرن تي ويٺل آھن، انتظاميا طرفان راشن کاڌ خوراڪ جي شين جون 2 ٽرڪون ڀري متاثرن ۾ ورهايون ويون.ٻوڏ متاثر سامان جي منصفاڻي ورڇ نه ڪرڻ جون دانهون ڪري رهيا آھن.ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته مختيارڪار قمبر سفارش عيوض من پسند ماڻھن کي راشن ڏئي رهيو آھي، ٻئي طرف غيبي ديرو سميت ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو قمبر سان زميني رابطو ڪٽيل هئڻ ڪري کين سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آھن.  انتظاميا ٻيڙين جو بندوبست نه ڪري سگهي. اهڙي طرح پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ نه اچڻ سبب ماڻھن ۾ خوف واري صورتحال برقرار آھي.