مسوڀرڳڙي (ن پ ا)مسو ڀرڳڙي لڳ ڪيريا ھائوس تي پ پ پ اڳواڻ ضلع حيدرآباد نظير ڪيريو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بلدياتي چونڊون ضرور ٿينديون جن کي ٽڪيٽ ملي آھي سي به پ پ پ جا آھن جن کي ٽڪيٽ نه ملي سگھيو اھي به پ پ پ جا آھن ، ھن چيو اسان پارٽي سان گڏ آھيون ، ھن چيو ته جيڪڏھن جنرل اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي جھڙي به تڪ مان ڏيندي ته بيھنداسين ڇو جو اسان محترم بلاول ڀٽو زرداري جا جيالا ۽ سپاھي آھيون. ھن چيو ته منھنجو اصل مقصد ايم پي اي يا ايم اين اي ٿيڻ ناھي بلڪه ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آھي ماڻھن جا ڪم ٿين ماڻھن جا مسئلا حل ٿين. ھن چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ ئي پارٽي جو منشور آهي.