ڪراچي: پيپلز پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس وارو معاملو بحث هيٺ آيو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو مرڪزي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي شاهد خاقان عباسي جو شوڪاز نوٽيس پڙهي ٻڌايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو سي اي سي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي جي شوڪاز نوٽيس ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو. بلاول ڀٽو پاران شوڪاز نوٽيس ڦاڙي اڇلائڻ تي اڳواڻن پاران تاڙيون وڄايون ويون. ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته اسان عزت لاءِ سياست ڪندا آهيون ، عزت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.