ڪراچي: پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني پارٽي کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پارٽي سمجهي ٿي ته مان هينئر ئي مستعفي ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ عهدو ڪا معنيٰ نٿو رکي، اسان جمهوريت لاءِ جانيون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي تي اهڙا الزام نٿا لڳائي سگهجن جن ۾ ڪا حقيقت نه هجي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻ کيس چيو ته اوهان اصولن خاطر وزيراعظم جي ڪرسي کي ٺوڪر هنئي، توهان کي استعيفيٰ ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي پوري پارٽي توهان سان گڏ آهي.