ڪراچي: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد پاران ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب م گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ بهارين سان گڏ سنڌين جا به سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿا ٺهن، هن چيو ته بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ وارو معاملو مون کان مٿي آهي، هڪ راءِ آهي ته بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهيا وڃن. وفاقي گھرو وزير چيو ته گڏجاڻي ۾ معاملو ڊسڪس ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جيڪو فيصلو ڪندو، ايئن ٿيندو.