بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاريءَ واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن: پرڏيهي ترجمان

0
355
بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاريءَ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي

هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاريءَ واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن، گرفتاريءَ جي سوال جي ڪنهن سنجيده صحافيءَ مان توقع نه هئي

ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن ۾ 16 ملڪن جا دورا ڪيا، بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏنو وڃي

 افغانستان بابت سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي قبول نه ڪرڻ جوڳي آهي، ڀارت ڪشميرين کي لاڳيتو ظلم جو نشانو بڻائي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ٿي نه ٿو سگهي

هي به پڙهندا

افغانستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ٽي پي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي: بلاول ڀٽو زرداري