افغانستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ٽي پي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
332
بلاول ڀٽو 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو: پرڏيهي کاتي پاران تصديق
بلاول ڀٽو 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو: پرڏيهي کاتي پاران تصديق

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغان طالبان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي نه روڪيو ته اسان جا لاڳاپا بهتر نه رهندا، افغانستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ٽي پي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان طالبان کي ويڙهاڪن خلاف آپريشن ۾ مدد جي ضرورت پئي ته فراهم ڪنداسين

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان ڪو به نئون معاهدو ناهي ٿيو، افغانستان جي فنڊز جي ڳالهه طالبان نه پر افغان عوام لاءِ ڪندا آهيون، طالبان آمريڪا ۽ ٻين سان ويڙهاڪ گروهن خلاف ڪارروائي جو واعدو ڪيو هو

هي به پڙهندا

اسان کي ٽي ٽي پي بابت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو