پي ٽي آءِ جو سڀاڻي لاهور ۾ گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان

0
222
گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان
پي ٽي آءِ جو سڀاڻي لاهور ۾ گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اعلان ڪيو آهي ته سڀاڻي لاهور ۾ گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به غير آئيني قدم جي اجازت نه ڏني ويندي
لاهور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته پنجاب اسيمبلي کي مذاق بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ جي توهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
هن چيو ته اسان جي صوبائي اسيمبليءَ ميمبر کي ٽيليفون اچي رهيا آهن، اهڙي طرح زرداري راج جا پئسا پنجاب جي مامرن ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته عوام ان تي خاموش نه ويهندو، عمران خان سڀاڻي گورنر هائوس آڏو وڏو جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪنهن کي به غير آئيني قدم کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عوام جيڪو چاهي اهو ڪري ڏيکاريندو
هن چيو ته عمران خان سڀاڻي شام 5 وڳي خطاب ڪندو ۽ سڀاڻي اهم ڏينهن هوندو، عوام سوموٽو ايڪشن وٺندو، سڀاڻي شام 5 وڳي خاموش تماشائي نه بڻجنداسين
هن چيو ته آئين گورنر ۽ ٻين لاءِ آئيني حدون مقرر ڪيون آهن، اُهي حدون اورانگهيندڙ تي آرٽيڪل 6 لڳندو
فواد چوڌري چيو ته منظور وٽو ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ فيصلي ۾ چيو هو ته گورنر جڏهن وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوندو ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن جو وقت هوندو

هن چيو ته مسلم ليگ (ق) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪجهه دير اڳ ختم ٿي ويو آهي، سمورن 10 ميمبرن چوڌري پرويز الاهي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي
فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت 177 ميمبر موجود آهن جيڪي شرڪت ڪندا ۽ هن وقت چوڌري پرويز الاهي، اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم کي 187 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي

هن کي به پڙهندا

پنجاب ۾ وري بحران: پرويز الاهي شام 4 وڳي وڏو وزير نه رهندو: راڻا ثناءُ الله

پنجاب ۾ نئون آئيني بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو