پنجاب ۾ وري بحران: پرويز الاهي شام 4 وڳي وڏو وزير نه رهندو: راڻا ثناءُ الله

0
209
پنجاب ۾ وري بحران: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب جو گورنر اڄ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، جنهن کانپوءِ چوڌري پرويز الاهي وڏو وزير نه هوندو

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جو گورنر 4 وڳي کانپوءِ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، نئين نوٽيفڪيشن موجب پرويز الاهي وڏو وزير نه هوندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته گورنر جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جو گورنر به وزيراعظم کي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي مبينا آڊيو بابت سوال تي وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان جي آڊيو ۾ سچ آهي، عمران خان جي وڊيو به موجود آهي، آڊيو ۾ جيڪو آهي اهو وڊيو ۾ آهي

گورنر پنجاب آئين جي ابتڙ قدم نٿو کڻي سگهي: پرويز الاهي

  پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته گورنر پنجاب اختيار اورانگهڻ جي ڪوشش نه ڪري

 پنهنجي بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته گورنر کي پنهنجي آئيني حدن اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي

بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ نٿي ٿي سگهي: فواد چوڌريپي ٽي آءِ قيادت شهباز گِل

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري راڻا ثناءُ الله جي گورنر پنجاب جي نوٽيفڪيشن بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

فواد چوڌري چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آهي، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ نه ٿيندي

فواد چوڌري چيو ته گورنر پنجاب کي غير آئيني قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن آئيني ذميواري پوري نه ڪئي وئي ته پوءِ صورتحال خراب ٿي ويندي

فواد چوڌري موجب اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪيآهي، اڄ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ نه ٿيندي، جمعي تي بي اعتمادي رٿ تي  ووٽنگ ٿيندي