بالي ووڊ اداڪارا عرفي جاويد کي دبئي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو

0
892
بالي ووڊ اداڪارا عرفي جاويد کي

بالي ووڊ اداڪارا عارفي جاويد کي دبئي ۾ نامناسب لباس پهري وڊيو شوٽ ڪرائڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عارفي جاويد گڏيل عرب امارتن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي عوامي هنڌ تي غير شرعي ڪپڙا پهريل وڊيو شوٽ ڪئي، جنهن سبب کيس دبئي پوليس حراست ۾ ورتو

عارفي جاويد متحده عرب امارات جي دوري دوران پنهنجي ايندڙ پروجيڪٽ جي شوٽنگ ڪري رهي هئي

اداڪارا گذريل ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري رهي هئي پر هاڻ هو دبئي ۾ ڦاسي وئي آهي

رپورٽن موجب اداڪارا کان پوليس معاملي تي پڇا ڳاڇا ڪندي ۽ جاچ به ڪئي ويندي

اهو به اندازو لڳايو پيو وڃي ته متحده عرب امارات جي مقامي اختيارين عارفي جي ڀارت واپسي جي ٽڪيٽ به رد ڪري سگهي ٿي

واضح رهي ته عارفي جاويد اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجي نامناسب فيشن سينس سبب تنقيد جو نشانو بڻجندي آهي