ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ، پوليس آفيسر ۽ جوان به غير محفوظ

0
343
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ ريڪارڊ واڌ بعد پوليس جا آفيسر ۽ جوان به غير محفوظ بڻجي ويا آهن

اڄوڪي ڏينهن دوران هٿياربندن جي فائرنگ وارن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي، جڏهن ته  هڪ ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عام شهري به مارجي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

مهراڻ ٽائون ۾ مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، 2 جوابدار به مارجي ويا، فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار خان بهادر ۽ رزاق زخمي ٿيا،

پوليس موجب مارجي ويل ٻن جوابدارن مان هڪ جي سڃاڻپ امجد طور ٿي

ڪورنگي جي سيڪٽر 51 سي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن بيهڻ جو اشارو ڪرڻ تي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني

گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار منظور علي شهيد ٿي ويو، سپر هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او بن قاسم زخمي ٿي پيو

 ايس ايڇ او ادريس بنگش پراپرٽي ڊيلر جي آفيس ۾ موجود هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني

پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

ڪورنگي نمبر 6 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 18 سالن جي نوجوان قيوم علي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا

هي به پڙهندا

بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ سمورا 25 دهشتگرد مارجي ويا