عرفي جاويد کي ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار گرفتار

0
355
عرفي جاويد کي ريپ ۽ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هر وقت پنهنجي لباس ۽ عجيب فيشن سبب خبرن جي زينت بڻجندڙ مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا اسٽار عرفي جاويد کي ريپ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب گر گائون پوليس نوين گري نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن تي عارف جاويد کي ريپ ۽ موت جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي

ميڊيا رپورٽن موجب نوين گري واٽس ايپ تي عرفي جاويد کي  ريپ ۽ قتل جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن تي کيس گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن عرفي جاويد کي به دبئي ايئرپورٽ تي غير اخلاقي لباس ۾ وڊيوز  ۽ تصويرون ٺاهڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

بالي ووڊ اداڪارا عرفي جاويد کي دبئي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو