سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

0
330

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ وڌي ويل اسٽريٽ ڪرائيمز تي ضابطي لاءِ 15 ڏينهن تائين سخت آپريشن ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي

وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ۾ ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ واڌ ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال بابت غور ويچار ڪيو ويو، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين پاران اجلاس ۾ شرڪت ڪئي وئي

CM approves summary of Rangers' stay with special powers in Karachi

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد تنظيمون ملڪ ۾ ٻيهر امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان ڪراچي سميت سنڌ ۾ دهشتگردن کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائيمز تي ضابطي لاءِ قدم کڻن، اجلاس ۾ وڏي وزير پاران ڊي جي رينجرز کي شهر ۾ پيٽرولنگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ ضرورت موجب ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري