سنڌ ۾ ضرورت موجب ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري

0
230
ڪرپشن ريفرنس: مراد علي شاهه عدالت ۾ پيش
ڪرپشن ريفرنس: مراد علي شاهه عدالت ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ضرورت مطابق ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،  وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو

خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 11 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود هو، هيل تائين 7 لک 21 هزار ٽن ڪڻڪ ورهائجي چڪي آهي

خوراڪ کاتي جي سخاوت: فلورملز کي 2 اربن جي واڌو سستي ڪڻڪ ڏيڻ جو انڪشاف - The  Time News

مڪيش ڪمار موجب ذخيري ۾ هن وقت 3 لک 79 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا ڊسمبر  ۽ جنوري جو اڌ مهينو هلندي

صوبائي وزير چيو ته جنوري کان مارچ  جي شروع تائين 3 لک ٽن ڪڻڪ جي  ضرورت آهي

 وڏي وزير  ضرورت مطابق  ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي  منظوري ڏئي ڇڏي

مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ خريداري شروع ڪئي وڃي