سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سورج مکي جو ٻج ناياب بڻجي ويو آهي، 3 هزار رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ سورج مکي ٻڄ جو ٻج ڪمپنين پاران سورج مکي جي پوک جي موسم جو فائدو وٺندي اگهه  ٻيڻ تي وڌائي 7 هزار رپيا في ڪلو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾  سجاول ۾ سورج مکي جو ٻج مارڪيٽ مان غائب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻج بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان آبادگارن  منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻج سستو ڪيو وڃي.